پٺاڻ محمد اسماعيل

پٺاڻ، مـحـمد اسـماعيل: آغا محمد اسماعيل ولد عبدالله خان پٺاڻ، 15 اپريل 1936ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. هي ماهرِ تعليم ۽ سٺو اديب آهي. هن 1964ع ۾ ايم. ايس. سي ڪئي ۽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هن گمنام رهي سنڌي ادب تي ڪم ڪيو. 1990ع کانپوءِ ادبي لڏي سان تعلق ۾ آيو. ڏسندي ڏسندي 1996ع ۾ سندس هڪ ڪتاب ”سنڌوءَ جو عقيدو“ جيڪب آباد جي سنڌي ادبي سنگت طرفان شايع ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جيڪب آباد هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران سندس ترجمو ڪيل ٻيو ڪتاب Jacob's Town Jacobabad شايع ڪرايو ويو. جنهن جو مرتب ڊاڪٽر پروفيسر غلام نبي سڌايو آهي. هي ڪتاب جيڪب آباد جي تاريخ، ادب، صحافت، ثقافت ۽ ٻين موضوعن تي هتان جي محققن طرفان لکيل مقالن تي مبني تحقيقي ڪتاب آهي. سندس هڪ ڪتاب جيڪب آباد جي تاريخ ”دشت بيدار“ پڻ ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.04.15  عيسوي

آغا محمد اسماعيل ولد عبدالله خان پٺاڻ، 15 اپريل 1936ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عاجز ڪريم پوري
عبدالقيوم صائب
عبدالرشيد گبول
خالد سنڌي
رشيده حجاب
چنا شبير ’ناز‘
حشو ڪيولراماڻي
ضياء شڪيل احمد
الياس سيتا پوري
ظفر عباسي ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون